اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان کي اعتماد جي ووٽ کانپوءِ سينيٽ جي چيئرمين جي اليڪشن ?? هڪ وڏي ڪاميابي ملي آهي، صادق سنجراڻي جي ڪاميابي پي ڊي ايم جي سياست کي سدائين لاءِ دفن ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ چاهي ٿو جڏهن ته مخالف ڌر ڪرپشن، لُٽ مار ۽ ذاتي جائيدادن جي ايجنڊا کڻي اڳتي وڌي رهي آهي، اڄوڪي اليڪشن مان اهو ثابت ٿي ويو ته مسلم ليگ (ن) پيپلزپارٽي جي پٺ ۾ ڇرو هنيو آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف اتحادي پارٽين جي تعاون سان قانوني، اخلاقي ۽ جمهوري رستو اختيار ڪندي سينيٽ چيئرمين جي اليڪشن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، پي ڊي ايم هر جاءِ وانگر پارليامينٽ مان به رد ٿي چڪي آهي. هو پارليامينٽ هائوس ميڊيا ??ريفنگ روم ۾ سينيٽر فيصل جاويد سان گڏ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جا هٿ مضبوط ڪرڻ لاءِ اسان کي پهرين کان وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي ڇو ته ملڪ هن وقت پوئتي وڃڻ جي سٽ نٿو سهي سگهي. هن چيو ته پي ڊي ايم جي سياست پاڪستان جي عوام لاءِ نه پر ذاتي مفادن جي چوڌاري گهمي ٿي جيڪا لانگ مارچ کان شروع ٿي، استعيفائن جي ڳالهه ٿي پر عملي طور تي ڪجهه نه ٿي سگهيو ۽ هاڻي ٻيهر هو لانگ مارچ ۽ استعيفائن جي ڳالهه ڪري رهيا ??هن. هن چيو ته اها حقيقت آهي ته پاڪستان جي عوام ڪرپشن کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ نه پر ڪرپشن روڪڻ لاءِ ٻاهر نڪرندي آهي، هن چيوته ته اڄوڪي سبق مان پي ڊي ايم جي سياسي تدفين ٿي چڪي آهي ان تي پاڪستان جي عوام کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊ جي موقعي تي مخالف ڌر ڪئميرائن جو ڊرامو رچايو، وزيراعظم جي اعتماد جي ووٽ جي موقعي تي به مخالف ڌر اهڙيون ئي حرڪتون ڪيون جنهن جو مقصد اليڪشن جي عمل تي اثر انداز ٿيڻ هو. هن چيو ته عمران خان هڪ ن??ر، سچو ۽ بهادر اڳواڻ آهي. هو ملڪ ۽ قوم کي ترقي طرف وٺي ويندو.
متعلقہ مضامین
-
119 candidates from Islamabad allotted electoral symbols
-
Sindh urges Centre to convene meeting to address water shortage
-
Little Red Riding Hood رسمی تفریحی لنک
-
ولف گولڈ انٹرٹینمنٹ آفیشل ویب سائٹ
-
NAB to file corruption reference against Dr Asim for awarding gas contracts
-
Egypt moves to enhance defence ties with Pakistan
-
Ayaz Sadiq offers to resign in wake of recent scuffle in assembly
-
الیکٹرانک پی پی آفیشل ڈاؤن لوڈ داخلہ کی مکمل گائیڈ
-
ورجینیا الیکٹرانکس کی آفیشل گیمنگ ویب سائٹ: گیمنگ کا مکمل پلیٹ فارم
-
Green Peppers آفیشل گیم ویب سائٹ کا تعارف اور خصوصیات
-
صبا اسپورٹس اینڈ انٹرٹینمنٹ ریلی کا شاندار انعقاد
-
لائیو کیسینو ٹرسٹ بیٹنگ ایپ کی خصوصیات اور فوائد